زين العابدين شيخ

زين العابدين شيخ: درويش زين العابدين شيخ بابت مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفھ الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته، ”شيخ زين العابدين ولد مخدوم شيخ عبدالقادر خدا جي نيڪ ۽ پيارن بندن مان هو. اهل علم ۽ سخي هو، سندس در تي آيل سائل ڪڏهن خالي نه موٽيو. اڪثر وقت عبادت ۾ گذاريندو هو ۽ باقي وقت وعظ ڏيئي انسانيت جي پرچار ڪندو هو. ڪيترائي امير ۽ وزير درويش زين العابدين وٽ اچي حاضريون ڀريندا هئا. هن لاءِ مشهور آهي ته هميشه سندس دسترخوان لڳو پيو هوندو هو.“


لفظ زين العابدين شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو